Dated: 24thMay, 2018

(Click here to download)


پاڻي تڪرار يا مقابلي جو سبب بڻجڻ بدران مجموعي حفاظت ۽ ترقي جو سبب هجڻ گهرجي. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڻي بنا زندگي جو تصور ئي ممڪن ناهي. انهيءَ ڪري بنيادي طور تي اهو اسان جي وجود جي مسئلي سان گڏ سڀني جي اخلاقي ذميواري پڻ هجڻ گهرجي. گڏيل قومن جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، جان ايليئسن

امن، حفاظت ۽ ترقي وارو اداري، CPSD پاران ڪراچي جي مسئلن تي گڏجاڻيون ڪوٺائي رهيو آهي. جنهن ۾ مرحليوار سلسلي ذريعي ڪراچي جي مسئلن تي مختلف ماهرن سان گڏجي پاڻي، صحت، تعليم، توانائي ۽ انساني ڀلائي بابت ڪانفرنسون ڪرايون وينديون.

ڪراچي پاڪستان جو نه صرف آبادي جي لحاظ کان وڏو شهر آهي، پر ان ۾ مختلف قومن، طبقن ۽ ثقافتن جا ماڻهو وسن ٿا، جيڪو ملڪ جي معيشت لاءِ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿو. ان جي ترقي ۽ وسيلن جو صحيح استعمال ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي سان سڌي ريت ڳنڊيل آهي. هي شهر ۾ ڏهاڪن تائين وڏي بحران مان گذرڻ کانپوءِ خاص ڪري دهشتگردي ۽ تشدد واري سياست جي خاتمي کانپوءِ آيل امن کي برقرار رکڻ لاءِ شهر ۾ هاڻي بهتر ۽ مستقل حڪمراني قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي جي باري ۾ عمومي راءِ اها آهي ته کيس هميشه نظر انداز ڪري، گهٽ ترقي يافتا ۽ سندس انتظامي معاملن کي نظر اندار ڪيو ويو آهي. اهو بنيادي سهولتن جي اڻاٺ مان پڻ واضح آهي. شهر ۾ صاف، پيئڻ جي لائق پاڻي سميت بنيادي استعمال هيٺ ايندڙ پاڻي جي کوٽ آهي. سڄي شهر ۾ پاڻي جي کوٽ جو سبب انتظامي نااهلي سان گڏ عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلي سان پڻ جڙيل رهي آهي.مجموعي حالتون سامهون رکندي، سي پي ايس ڊي جو مقصد اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي، جتي پاڻي کوٽ جي نشاهندگي ڪرڻ سان گڏ ان جا حل پيش ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويندي.